ٿڌا وڻ ولهار جا

ٿڌا وڻ ولهار جا

ٿڌا وڻ ولهار جا

ٿڌا وڻ ولهار جا (ڪتاب ):هن ڪتاب جو ليکڪ عبدالڪريم لغاري آهي، جنهن”ولهار“ جي هڪ ڳوٺ مسڻ وڏيءَ جي تاريخي ماڳن، قديم آثارن، تاريخ ۽ جاگرافيءَ بابت معلومات ڏيڻ سان گڏ سنڌ جي ادب ۾ مسڻ وڏيءَ جي عالمن ۽ اديبن جي ڪردار کي پنهنجي تحقيق وسيلي اجاگر ڪري منظر عام تي آندو آهي. هن ڪتاب جي منفرد ڳالهه اها آهي ته هن ۾ ”مسڻ وڏي“ جو خوبصورت منظوم جائزو ”خادم“ محمد يامين شوري جو لکيل به شامل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي برک عالم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجا ويچار هن طرح ونڊيا آهن ته: ’هي ڪتاب سنڌي علم، ادب سان گڏ، سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي تحقيق ۽ مطالعي جي سلسلي ۾ هڪ قيمتي اضافو آهي‘. ڪچي جلد سان ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب، انجمن اشاعت دارالعلوم مسڻ وڏيءَ پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي. 248 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 24 رپيا آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو